Advance Medical Centre-Dadu

Call

Advance Medical Centre-Dadu Your Health is our Priority.

بانجھپڻ (Infertility) – مرد جو مسئلو يا عورت جو؟بانجھپن هاڻي صرف عورتن جو مسئلو ناهي رهيو!پاڪستان ۾ هر پنجون جوڙو بانجھ ...
16/10/2026

بانجھپڻ (Infertility) – مرد جو مسئلو يا عورت جو؟

بانجھپن هاڻي صرف عورتن جو مسئلو ناهي رهيو!

پاڪستان ۾ هر پنجون جوڙو بانجھ پن جو شڪار آهي، ۽ حيرت انگيز طور تي، 40 سيڪڙو ڪيسن ۾، مسئلو مردن سان هوندو آهي.
بروقت چيڪ اپ ۽ صحتمند طرز زندگي اميد جا نوان رستا کولي سگهن ٿا.
ذريعو: عالمي صحت تنظيم، زرخيزي رپورٽ 2024

بانجھپڻ هڪ اھڙي حالت آهي، جنهن ۾ ٻار جي خواھش رکندڙ جوڙو 12 مهينا يا وڌيڪ ڪوشش کان پوءِ به حمل ٿيڻ ۾ ناڪام رهي ٿو. هي مسئلو مرد، عورت، يا ٻنهي جي صحت سان تعلق رکي ٿو.

1. مرد سان لاڳاپيل بانجھپڻ (Male Infertility):
- جزن جو گهٽ هجڻ
- جزن جي حرڪت گهٽ هجڻ
- ويس ڪوڙ - انڊن ۾ رگن جو وڏو ٿيڻ
- جزن جي رستي ۾ رڪاوٽ
- ذیابطیس، سگریٽ ۽ شراب جو استعمال

2. عورتن سان لاڳاپيل بانجھپڻ (Female Infertility):
- پي سي او ايس (PCOS)سان گڏ بيضوي نه ٿيڻ
- فيلوپين ٽيوب(Fallopian Tube) ۾ رڪاوٽ
- بچي داني جا ڪيڙا
- هارمونس جا مسئلا
- عمر وڌڻ سان بيضن جي گهٽتائي

3. ٻنهي(مرد ۽ عورت) جا مسئلا (Combined Factors):
- جنسي بيماريون
- زندگيءَ جو غير صحت بخش طريقو
- تڪليف ۽ دٻاءُ (Stress)
بانجھپڻ صرف عورت يا مرد جو ڪو هڪ طرفو مسئلو ناهي، ٻنهي جي چڪاس ۽ اعلاج ضروري آهي.

ڊاڪٽر سرمد علي لغاري
ڊائبٽولاجسٽ ۽ اينڊوڪرائنولاجسٽ
شگر جي مختلف بيمارين جو ماھر ڊاڪٽر
ڇنڇر: صبح 10 بجي کان منجهند 1 بجي تائين

رابطي لاءِ :
0302-3089799

ايڊريس : ايڊوانس ميڊيڪل سينٽر نزد ايس ايس پي بنگلو ويجهو اسلامي بئنڪ لياقت جتوئي روڊ ،دادو



ڊاڪٽر ماجد علي کنڊڪنسلٽنٽ نيورو فزيشندماغ ۽ رڳن جي مختلف بيمارين جو ماھر ڊاڪٽرڇنڇر جي ڏينهن: صبح 11 بجي کان شام 6 بجي تا...
16/10/2026

ڊاڪٽر ماجد علي کنڊ
ڪنسلٽنٽ نيورو فزيشن
دماغ ۽ رڳن جي مختلف بيمارين جو ماھر ڊاڪٽر
ڇنڇر جي ڏينهن: صبح 11 بجي کان شام 6 بجي تائين


See

🌙 جمعو مبارڪ 🌙الله پاڪ هن بابرڪت جمعي جي صدقي اوهان سڀني جون دعائون قبول فرمائي، زندگيءَ ۾ سڪون، صحت، خوشيون ۽ برڪتون عط...
09/10/2026

🌙 جمعو مبارڪ 🌙

الله پاڪ هن بابرڪت جمعي جي صدقي اوهان سڀني جون دعائون قبول فرمائي، زندگيءَ ۾ سڪون، صحت، خوشيون ۽ برڪتون عطا فرمائي. 🤲

بيمارن کي مڪمل شفا، پريشان حالن کي آسانيون ۽ هر گهر کي خوشحالي نصيب فرمائي.

آمين يا رب العالمين ❤️
Advance Medical Centre Dadu
Your Health, Our Priority 💚💙



ڊگهو وقت هڪڙي پوزيشن ۾ ويهڻ ڪمر جي سور کي وڌائي ٿو۔هر ڪلاڪ بعد ٿوري وقت لاءِ هلڻ گهمڻ لازمي ڪريو۔پنهنجي صحت کي نظرانداز ...
08/10/2026

ڊگهو وقت هڪڙي پوزيشن ۾ ويهڻ ڪمر جي سور کي وڌائي ٿو۔
هر ڪلاڪ بعد ٿوري وقت لاءِ هلڻ گهمڻ لازمي ڪريو۔
پنهنجي صحت کي نظرانداز نه ڪريو 🏥✨
📞 0302-3089799
🧠
🎯
💙
🌿
📝
⚕️
😌
🌸

16/09/2026

السلام علیڪم،

جیئن ته توهان سڀني کي هن اِطلاع جي ظریعي آگاه ڪيو ٿو ونڃي ته ایڊوانس ميڊيڪل سینٽر اج جي تاریخ 16 سيپٽمبر ۽ صبحاڻي جی تاریخ 17 سيپٽمبر 2026، ڪنهن خاص سبب جي ڪري بند رهندو

سينٽر انشاء الله ڇنڇر 19 سيپٽمبر 2026، معمول مطابق کليل رهندو.

ايڊوانس ميڊيڪل سينٽر، دادو

6 سيپٽمبر — يومِ دفاعِ پاڪستان 🇵🇰اسان جي هيروز کي خراجِ تحسيناسان پنهنجي بهادر، قربانيون ڏيندڙ ۽ غيرتمند هٿياربند فوج کي...
06/09/2026

6 سيپٽمبر — يومِ دفاعِ پاڪستان 🇵🇰

اسان جي هيروز کي خراجِ تحسين

اسان پنهنجي بهادر، قربانيون ڏيندڙ ۽ غيرتمند هٿياربند فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي اسان جي وطن جي حفاظت ڪئي.

انهن جي بهادري، اسان جو امن.
انهن جي قرباني، اسان جي آزادي.

پاڪستان زنده باد!
پاڪ فوج زنده آباد

fans Dr Sarmad Ali Laghari-Diabetologist And EndocrinologistMajid Khand Bughio Ubedullah

12 ربيع الاول — جشنِ عيد ميلادِ مصطفىٰ ﷺ 🌙سڀني مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي 12 ربيع الاول، ولادتِ باسعادت حضرت محمد ﷺ جي دل ج...
25/08/2026

12 ربيع الاول — جشنِ عيد ميلادِ مصطفىٰ ﷺ 🌙

سڀني مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي 12 ربيع الاول، ولادتِ باسعادت حضرت محمد ﷺ جي دل جي گهراين سان مبارڪباد.

💚 حضرت محمد ﷺ سان محبت، ايمان جي سڃاڻپ آهي.

الله پاڪ اسان سڀني کي نبي ڪريم ﷺ جي سنتن تي هلڻ، سندن محبت پنهنجي دلين ۾ قائم رکڻ ۽ سندن تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

🤲 الله پاڪ اسان جي ملڪ ۽ قوم ۾ امن، سلامتي، خوشحالي ۽ ڀائيچارو قائم فرمائي.

عيد ميلاد النبي ﷺ مبارڪ! 💚

fans

🇵🇰 پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو مبارڪ! 🇵🇰ايڊوانس ميڊيڪل سينٽر ۽ ان جي سموري ٽيم طرفان اوهان سڀني کي 14 آگسٽ، يومِ آزادي ج...
13/08/2026

🇵🇰 پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو مبارڪ! 🇵🇰

ايڊوانس ميڊيڪل سينٽر ۽ ان جي سموري ٽيم طرفان اوهان سڀني کي 14 آگسٽ، يومِ آزادي جون دل جي گهراين سان واڌايون.

الله پاڪ اسان جي پياري وطن پاڪستان کي هميشه امن، خوشحالي ۽ ترقي عطا فرمائي.
پاڪستان زنده باد! 🇵🇰💚

Dr Sarmad Ali Laghari-Diabetologist And Endocrinologist Dr Ubedullah Bughio Bughio Ubedullah Majid Khand

🌸 عورتن جي هارمونل صحت بابت اهم ڄاڻعورتن ۾ ٿيندڙ ڪيترائي عام مسئلا صرف "عورتن جون بيماريون" نه هوندا آهن، پر انهن جو واس...
12/08/2026

🌸 عورتن جي هارمونل صحت بابت اهم ڄاڻ

عورتن ۾ ٿيندڙ ڪيترائي عام مسئلا صرف "عورتن جون بيماريون" نه هوندا آهن، پر انهن جو واسطو هارمونن جي عدم توازن سان به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن انهن جي وقت تي تشخيص ۽ علاج ڪيو وڃي ته گهڻيون بيماريون آساني سان ڪنٽرول ٿي سگهن ٿيون.

هيٺين علامتن کي نظرانداز نه ڪريو:

🔹 حيض (مهينو) جو بي قاعده اچڻ، دير سان اچڻ يا ڪيترن مهينن تائين بند رهڻ

🔹 وزن جو تيزي سان وڌڻ، خاص طور تي پيٽ جي چوڌاري چرٻي وڌڻ

🔹 چهري يا جسم تي غير ضروري وار اچڻ يا مُنهن تي بار بار داڻا نڪرڻ

🔹 شادي کان هڪ سال تائين باقاعده تعلق باوجود حمل نه ٿيڻ

🔹 بار بار اسقاط حمل ٿيڻ

🔹 ٿائرائيڊ جون علامتون، جهڙوڪ گهڻي ٿڪاوٽ، سردي يا گرمي برداشت نه ٿيڻ، دل جي ڌڙڪن ۾ تبديلي، يا وزن ۾ غيرمعمولي تبديلي

🔹 حمل دوران شوگر يا اڳ ۾ موجود شوگر

اهي علامتون ڪهڙين بيمارين ڏانهن اشارو ڪري سگهن ٿيون؟

✔ PCOS (پولي سسٽڪ اووري سنڊروم)
✔ ٿائرائيڊ جون بيماريون
✔ هارمونن جي خرابي
✔ بانجھ پن جا هارمونل سبب
✔ حمل دوران شوگر (Gestational Diabetes)
✔ Menopause (حيض بند ٿيڻ) سان لاڳاپيل هارمونل تبديليون

ياد رکو

هر حيض جي بي قاعدگي يا حمل نه ٿيڻ جو سبب هڪجهڙو نه هوندو. صحيح تشخيص لاءِ مريض جي تاريخ، جسماني معائنو ۽ ضرورت موجب مناسب ٽيسٽون ضروري هونديون آهن. خود علاج ڪرڻ يا بغير صلاح جي هارمونل دوائون استعمال ڪرڻ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

عورت جي هارمونل صحت، سندس جسماني، ذهني ۽ خانداني زندگي تي اهم اثر وجهي ٿي. وقت تي ماهر ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ ڪيترين پيچيدگين کان بچائي سگهي ٿو.

fans Dr Sarmad Ali Laghari-Diabetologist And Endocrinologist

28th July-2026 (World Hepatitis Day)ھيپاٽائيٽس- بي ۽ ھيپاٽائيٽس- سيHepatitis-B and Hepatitis-Cچيڪ اپ لاءِ وزٽ ڪيو، ايڊوا...
28/07/2026

28th July-2026 (World Hepatitis Day)

ھيپاٽائيٽس- بي ۽ ھيپاٽائيٽس- سي
Hepatitis-B and Hepatitis-C

چيڪ اپ لاءِ وزٽ ڪيو، ايڊوانس ميڊيڪل سينٽر نزد ايس ايس پي بنگلو
ويجهو اسلامي بئنڪ لياقت جتوئي روڊ، دادو.

ڊاڪٽر عبيدﷲ ٻگھيو
ايم بي بي ايس-ايف سي پي ايس
ڪنسلٽنٽ گيسٽرو اينٽيرولاجسٽ

سومر کان خميس شام 6 بجي کان رات 10 بجي تائين ۽ آچر صبح 9 بجي کان
منجهند 4 بجي تائين.

fans Dr Ubedullah Bughio





Address

Near SSP Banglow, Beside Islamic Bank, Liaquat Jatoi Road
Dadu
76200

Opening Hours

Monday 16:00 - 22:30
Tuesday 16:00 - 22:30
Wednesday 16:00 - 22:30
Thursday 16:00 - 22:30
Saturday 11:00 - 20:00
Sunday 09:00 - 17:00

Telephone

+923023089799

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Advance Medical Centre-Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share