Health Department Tharparkar

Call Directions Contact the business

Health Department Tharparkar District Tharparkar established in 1990 and it is 220 km away from Hyderabad and 150 km from Mirpurkhas. The area of District is 19389 Sq. km.

08/09/2026
Dog bite/ ڪتي جو چڪاڄ ھن اھم موضوع تي ڪجه ڳالهيون شيئر ڪيون ٿا.اگر ڪنهن کي ڪتو چڪ ٿو پائي ته انھي وقت چڪ واري جاءِ کي 15...
02/09/2026

Dog bite/ ڪتي جو چڪ
اڄ ھن اھم موضوع تي ڪجه ڳالهيون شيئر ڪيون ٿا.
اگر ڪنهن کي ڪتو چڪ ٿو پائي ته انھي وقت چڪ واري جاءِ کي 15 منٽن تائين صاف پاڻي يا صابڻ سان ڌوئڻ کپي.
ان کان پوءِ ويجهي ڪنهن اسپتال کڻي اچجي ۽ ٽيٽنس جو ٽڪو لڳرائجي.
اسان وٽ ڪجهه ماڻهو ڪتي جو انتظار ڪندا آهن ته اگر ڪتو 10 ڏينهن اندر مري ٿو وڃي پوءِ ڪتي جي وئڪسين ڪرائبي، ائين ناهي ڪرڻو، ڪتي جي مرڻ جو انتظار نه ڪجو، جيترو جلد ٿي سگهي اسپتال اچجي.
ضروي ناهي ته ھر چڪ پائڻ واري ڪتي ۾ ريبيس جو وائرس ھجي، پر وئڪسين ضرور لڳرائجي.
صرف ڪتو نه ،ٻيا جيڪي مئملس (mamals) / جانور آهن، انهن جي چڪ پائڻ سان به ريبيس جو انفيڪشن ٿي سگهي ٿو، مثال طور، ٻڪري، ڍڳي، اٺ، گڏھ،ٻلي، ڪوئو، انهن جانورن جي چڪ پائڻ سان به وئڪسين ڪرائجي.
اگر ڪا عورت حمل سان آهي، ان کي ڪتي چڪ پاتو آهي ته وئڪسين ضرور لڳرائجي.
ھاڻي اچون ٿا ته وئڪسين(ARV) ۽ ريبيز امينوگلوبيلن(RIG) ڪيئين لڳرائجي،ڪٿي لڳرائجي!!!
ڪتي جي چڪ کي ٽن ڪئٽيگريز ۾ ورھايو ويو آهي.
1)category 1:
اگر ڪتي صرف اوھان جي جسم جي ڪنهن حصي کي چٽيو آهي، يا ڪتي جو ٿڪ(saliva) گگون اوهان جي چمڙي کي لڳيون آهن ۽ چمڙي يا جسم تي ڪابه خراش يا رت نٿو اچي، چمڙي بلڪل صاف آهي ته ان صورت ۾ ڪنهن به وئڪسين جي ضرورت ناهي.
2) Category 2:
ڪئٽيگري نمبر ٽو ۾ اگر ڪتو چڪ پائي ويو آهي ۽ چمڙي تي صرف خراش آهي، پنهنجي ٻولي ۾ نونھدراٽ چوندا آهيون ۽ ڪٿي به ظاھرري طور خون نظر ڪون پيو اچي پر نشان موجود آهي(abrasion, scratches) ان صورت ۾ ڪتي جي وئڪسين ARV لڳائي ويندي ۽ امينوگلوبيلن (HRIG) جي ھن ڪئٽيگري ۾ ضروري ناهي.
3)Category 3:
اگر ڪتي جي چڪ پائڻ سان چمڙي مان رت وھي پيو، گھرو زخم آهي ته ان صورت ۾ وئڪسين سان گڏ اميونوگلوبيولن/ HRIG زخم جي چوڌاري ھڪ ڊوز لڳائجي ۽ ريبيز وئڪسين جا چار ڊوز پورا ڪجن.
ريبيز وئڪسين جا سڀني ڪئٽيگريز ۾ ٽوٽل چار ڊوز لڳندا آهن، پھريون ڊوز انھي وقت تي لڳندو، ٻيو ڊوز ٽئين ڏينهن تي، ٽيون ڊوز ھفتي تي ۽ چوٿون ڊوز 14 ڏينهن تي.
ARV post exposure prophylaxis (1,3,7,14)
Inj ARV 1ml intrasmuscular.
ريبيز وئڪسين (ARV) سٿر تي يا بازور ۾ لڳائڻي آهي ۽ ڪئٽيگري ٿري ۾ اميونوگلوبيولن RIG جو ھڪ ڊوز لڳندو اھو زخم جي چوڌاري لڳندو.
ڪڏهن به ARV ۽ RIG ساڳي جاءِ تي نه لڳائڻ کپن، مختلف جاءِ تي لڳائجن، ۽ ٻنهي جي لاءِ الڳ سرنج، سوئي استعمال ڪجي.
اگر ڪنهن کي اڳ ۾ ڪتي جي وئڪسين ٿيل آهي ۽ ان انسان کي وري ڪتي چڪ پاتو آهي ۽ ٽڪا لڳل آهن، ان جو اوھان وٽ رڪارڊ موجود آهي ته صرف ARV جا ٻه ٽڪا لڳندا، ھڪڙو ٽڪو ڪتي جي چڪ پائڻ وقت ٻيو ٽڪو ٽئين ڏينهن تي لڳندو ۽ امينوگلوبيلن HRIG جي به ھن صورت ۾ ضرورت ناهي ڀلين ڪئٽيگري نمبر ٽئين ۾ ھجي.
Dr Aneel Paediatrician chachro.

18/08/2026
پريس رليزڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر پاران عوام کي ڪتي جي چڪ پائڻ جي صورت ۾ فوري علاج ڪرائڻ جي اپيل *ضلعي ٿرپارڪر ۾ 7 مرڪز...
14/06/2026

پريس رليز
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر پاران عوام کي ڪتي جي چڪ پائڻ جي صورت ۾ فوري علاج ڪرائڻ جي اپيل
*ضلعي ٿرپارڪر ۾ 7 مرڪزن تي ARV ۽ RIG جڏهن ته ٻين مرڪزن تي ARV جي مفت سهولت موجود آهي: ڊي ايڇ او*
*ڪتي جي چڪ کي معمولي نه سمجهيو، صابڻ ۽ وهندڙ پاڻي سان زخم ڌوئڻ بعد فوري ويجهي اسپتال پهچو.*
*مٺي (پريس رليز):* ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪتي جي چڪ کي ڪڏهن به معمولي نه سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جانور جي چڪ سان ريبيز جهڙو موتمار وائرس انساني جسم ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. ريبيز هڪ انتهائي خطرناڪ پر بروقت علاج سان روڪي سگهجندڙ بيماري آهي، تنهنڪري ڪنهن به جانور جي چڪ کان پوءِ فوري طبي علاج ڪرائڻ سان قيمتي جان بچائي سگهجي ٿي.
ڊي ايڇ او پاران عوام کي صلاح ڏني وئي آهي ته ڪتي جي چڪ لڳڻ جي صورت ۾ سڀ کان پهريان زخم کي صابڻ ۽ وهندڙ پاڻي سان چڱيءَ طرح ڌوئو ۽ بنا دير ويجهي صحت مرڪز تي وڃي طبي معائنو ڪرايو، ته جيئن ضرورت موجب اينٽي ريبيز ويڪسين (ARV) ۽ ريبيز اميونوگلوبيولن (RIG) لڳائي سگهجي. علاج ۾ دير ڪرڻ سان سنگين ۽ جان ليوا نتيجا نڪري سگهن ٿا.
حڪومت سنڌ پاران ضلعي ٿرپارڪر ۾ *ست (07) ريبيز روڪٿام مرڪز* قائم ڪيا ويا آهن، جتي ARV ۽ RIG ٻئي سهولتون مڪمل طور تي موجود آهن:
1. سول اسپتال، مٺي
2. تعلقا اسپتال، نگرپارڪر
3. رورل هيلٿ سينٽر (RHC)، اسلام ڪوٽ
4. رورل هيلٿ سينٽر (RHC)، کينسر
5. بنيادي صحت مرڪز (BHU)، مبارڪ رند
6. بنيادي صحت مرڪز (BHU)، ڪلوئي
7. گورنمينٽ ڊسپينسري (GD)، دونهائي
ان کان علاوه، صرف اينٽي ريبيز ويڪسين (ARV) جي سهولت تعلقا اسپتال ڇاڇرو، تعلقا اسپتال ڏيپلو، تعلقا اسپتال کيمي جو پار، BHU چيلهار، BHU ڪوٽ ارباب مير محمد، BHU ڏانو ڌانڌل ۽ BHU ڏونجھ تي به دستياب آهي.
ڊي ايڇ او لاڳاپيل صحت اختيارين ۽ فوڪل پرسنز کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ته سمورن مقرر ڪيل مرڪزن تي ARV ۽ RIG جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ متاثر ماڻهن کي فوري طبي امداد ڏني وڃي. عوام ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ 1122 سان پڻ رابطو ڪري سگهي ٿو.
پريس رليز جي آخر ۾ ڊي ايڇ او مقامي ميڊيا، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز، ڪميونٽي اڳواڻن، مذهبي عالمن ۽ سول سوسائٽي کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي هن اهم عوامي صحت واري پيغام کي گهر گهر تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
> *پيغام:* ڪتي جي چڪ کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪريو، بروقت ويڪسينيشن ئي زندگي جي ضمانت آهي.

ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، ٿرپارڪر
ڊپارٽمينٽ آف هيلٿ، حڪومت سنڌ

Address

Near Police Line Mithi
Mithi
69320

Telephone

+92232920130

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Health Department Tharparkar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Health Department Tharparkar:

Shortcuts

Share